مستقبل ۾ وڙهيون ويندڙ سائبر وارس (Cyber Wars)

ظفر امام

Zafar Imam

                 نئين دور ۾ جنگون ميزائلن، ٽئنڪن، هٿياربند فوجن سان شايد نه وڙهيون وڃن پر اهي ٽيڪنالاجي جي ذريعي وڙهيون وينديون. انٽرنيٽ هاڻ رڳو ڄاڻ جو ذريعو نه رهيو آهي، پر اهو هڪ طاقتور هٿيار پڻ آهي، جنهن ذريعي مستقبل جون جنگون وڙهيون وينديون. سائبر اسپيس ۾ وڙهي ويندڙ اهڙين جنگن  کي سائبر وار چئجي ٿو. اها صرف  خيالي ڳالهه نه آهي، بلڪه اهڙي سائبر وار جي شروعات ٿي به چڪي آهي. ان جو سڀ کان وڏو نشانو آمريڪا آهي ۽ ان جون ملٽري ۽ ڊفينس انسٽاليشنس. هن وقت آمريڪا مسلسل اهڙن سائبر حملن جي زد ۾ آهي، جيڪي هن جي دعويٰ آهي ته مسلسل چين طرفان اچي رهيا آهن. ان جي دعويٰ آهي ته چيني حڪومت جي پٺڀرائي سان ٿيندڙ انهن سائبر حملن ۾ هن وقت تائين پينٽاگون مان 24 هزار اهم فوجي دستاويز چورايا ويا آهن، جن ۾ اهم دفاعي ڄاڻ هئي.

 سائبر حملا ڪير ڪندو آهي؟

سائبر اسپيس ذريعي ڪنهن به ملڪ جي ڪمپيوٽر سسٽم ۾ گهڙي اتان اهم ڄاڻ ۽ دستاويز حاصل ڪرڻ واري عمل کي ”هيڪنگ“ چئبو آهي ۽ اهڙو عمل ڪندڙ کي ”هيڪر“ چئبو آهي. هڪ سروي مطابق ڪمپيوٽر هيڪرز جي سراسري عمر 14 کان 30 سالن تائين هوندي آهي. هي ننڍي عمر جا ڪمپيوٽر جا ڄاڻو هوندا آهن، جيڪي پنهنجي تيز ترين ذهانت ۽ گهري ڄاڻ کي استعمال ۾آڻي، پنهنجي گهر جي ڪمپيوٽر تان ويهي، دنيا جي ڪنهن به ڪمپيوٽر يا ڪنهن ملڪ جي سموري ڪمپيوٽر نظام ۾ بنا اجازت جي گهڙي وڃڻ جي صلاحيت رکندا آهن ۽ ان ڪمپيوٽر  سسٽم کي يا ته نقصان رسائيندا آهن يا وري اهم معلومات چورائي وٺندا آهن. ٻه ڏهاڪا اڳ  شروع ٿيل سائبر وار هن وقت  مچي مواڙ ٿي چڪي آهي. اڄ کان 15 سال اڳ هيڪر هڪ رومانٽڪ لفظ هو. هيڪر کي سائبر اسپيس جو انارڪسٽ چيو ويندو هو ۽ ان بابت ڪيئي مفروضا گهڙيا ويندا هئا. هيڪرز بابت ڪيئي ڳالهيون ۽ آکاڻيون مشهور هونديون هيون، ڇو ته هي نوجوان صرف پنهنجي ڪمپيوٽر تي ويهي دنيا جي وڏي کان وڏي رياست کي گوڏن تي جهڪائڻ جي صلاحيت رکندا هئا. پر پوءِ جيئن جيئن وقت گذرندو ويو ۽ هيڪنگ جي واقعن ۾ اضافو ايندو ويو ته ان سان هيڪرز بابت منفي تاثر پختو ٿيندو ويو.

 سائبر وار ڪيئن وڙهي ويندي آهي؟

سائبر اسپيس ذريعي ڪو هيڪر ائين به ڪري سگهي ٿو جو پاڻ کان هزارين ميل پري ڪنهن ڏورانهين ملڪ جي ڪنهن اداري جي ڪمپيوٽر سسٽم ۾ گهڙي ان جي سموري نيٽورڪ کي جام ڪري سگهي ٿو. ان لاءِ مختلف طريقا آزمايا وڃن ٿا. هيڪرز عام طور تي اهڙا وائرس يا وارم تخليق ڪن ٿا، جيڪي اصل ۾ هڪ ڪمپيوٽر پروگرام هوندا آهن پر هڪ زنده جاندار وانگر پنهنجو پاڻ کي ڪئين ٻين ڪمپيوٽرز ۾ داخل ڪري سگهندا آهن. نه صرف اهو، پر اهي پاڻ جهڙا ٻيا ڪيترائي پروگرام تخليق ڪندا ويندا آهن ۽ ائين ڪجهه ئي هفتن ۾ پوري نيٽور کي جام ڪري ڇڏيندا آهن. اڪثر وائرس يا وارم حملي جو شڪار ٿيل ڪمپيوٽرس کي خبر ئي نه پوندي آهي ته ان کي ڪو وائرس لڳي چڪو آهي. اهڙا وائرس انهن ڪمپيوٽرس ۾ لڪي ويهي رهندا آهن ۽ انتهائي خاموشي سان اهم ڄاڻ واپس ڪنهن اڻ ڄاتل جڳهه تي منتقل ڪندا رهندا آهن، ان جڳهه تان وري وائرس کي تخليق ڪندڙ هيڪرز اها ڄاڻ کڻي وٺندا آهن.

اهو ته آهي صرف ننڍي پئماني جو سائبر حملو، پر هاڻ اهو ممڪن بڻجي چڪو آهي ته اهڙن ننڍن سائبر حملن کي ملائي ڪنهن به ملڪ خلاف اسٽريٽجڪ قسم جي سائبر وار وڙهي وڃي. هي اها جنگ آهي جيڪا تمام گهٽ خرچ سان انتهائي مختصر وقت ۾ وڙهي سگهجي ٿي ۽ ڪنهن به ملڪ جي ميزائل سسٽم، ريڊار سسٽم، ايتري تائين جو نيو ڪليئر نظام کي جام ڪري ناڪاره بڻائي سگهجي ٿو.

هن وقت باقاعده وڏي پيماني جي اسٽريٽجڪ سائبر وار وڙهڻ جي صلاحيت دنيا جي ڪجهه ملڪن وٽ موجود آهي. انهن ۾ آمريڪا، چين، روس، اسرائيل ۽ برطانيا اچي وڃن ٿا. توڻي جو ٽين دنيا جا ڪيئي ملڪ پڻ اهڙي صلاحيت رکن ٿا پر اهي کلي ڪري سامهون نه آيا آهن، ڇو ته انهن وٽ وري جوابي سائبر حملي کي روڪڻ جي قابليت ڪونهي.

چين اهو ملڪ آهي جنهن وٽ هيڪرز جي باقاعده هڪ فوج آهي. 8 اپريل، 2010ع تي دنيا جي 15 سيڪڙو انٽرنيٽ ٽريفڪ 18 منٽن لاءِ خود بخود چين جي انٽرنيٽ جي سرورس ڏانهن ”ري رائوٽ“ يعني مڙي وئي هئي. انهن 18 منٽن ۾ چين ڇا ڇا پئي ڪري سگهيو؟ چين ان وقت ۾ انتهائي اهم فنانشل ڊيٽا کي تبديل به ڪري پئي سگهيو ۽ چوري به ڪري پئي سگهيو. اڄ تائين خبر ناهي ته  اوچتو اها سموري ٽريفڪ چين طرف ڪيئن مڙي وئي؟

 سائبر وار جا اهم واقعا

ائين ناهي ته سائبر جنگون اڃا تائين صرف ٿيوري تائين محدود آهن، دنيا ۾ ڪجهه اهڙا  واقعا ٿيا آهن، جن مان معلوم ٿئي ٿو ته ان قسم جي جنگ ذريعي ڇا ڇا ڪري سگهجي ٿو!

مثال طور سيپٽمبر 2007ع ۾ اسرائيلي ايف-15 ۽ ايف – 16 جهازن شام جي هڪ اهم نيوڪليئر تنصيب تي ائين حملو ڪيو جو شام کي خبر به نه پئي. ڇو ته حملي کان اڳ شام جي ريڊار سسٽم ۾ هڪ وائرس موڪلي ان کي “Blind” (انڌو) بڻايو ويو هو، شام جو ريڊار سسٽم پوءِ اسرائيلي جهازن کي ڏسي ئي نه سگهيو ۽ ائين اهو حملو ڪامياب رهيو. تنهن کانپوءِ گذريل سال 2010ع ۾ ايران جو نيوڪليئر پروگرام رڳو ان لاءِ دير ٿي ويو جو ايراني نيوڪليئر سسٽم ۾ هڪ Stuxnet  نالي پروگرام اچي ويهي رهيو. ان  Stuxnet   نالي وارم ايران جي نيوڪليائي سينٽريفيوجز کي ڪنٽرول کان ٻاهر ڪڍي ڇڏيو. يعني ڪمپيوٽر ذريعي سينٽري فيوجز کي اهڙا پيغام رسايا ويا، جو اهي ڪنٽرول ۾ اچي نه سگهيا. گڏو گڏ ان پروگرام اسڪرين ۽ مانيٽرز تي ”سڀ ڪجهه ٺيڪ آهي“ وارا پيغام جاري پئي ڪيا ته جيئن ايراني انجنيئرز کي اصل صورتحال جي خبر ئي نه پوي، اهڙي ريت ايران جو نيوڪليئر پروگرام شيڊول کان دير ٿي ويو.

آگسٽ 2008ع ۾ جڏهن روس ۽ جارجيا ۾ جنگ ڇڙي وئي، تڏهن روسي هيڪرز جارجيا جي ڪمپيوٽر سسٽم تي خاموش حملو ڪري ڏنو، جنهن جي ڪري جارجيائي حڪمرانن جو پنهنجي دفاعي جرنيلن سان رابطو ڪٽجي ويو ۽ ائين جارجيا کي جنگ هارائڻي پئي. اهڙا ڪيترائي ٻيا مثال به آهن.

 آمريڪي سائبر اسپيس پاليسي

 تازو ئي آمريڪي پينٽاگون پنهنجي انٽرنيشنل سائبر اسپيس پاليسي جاري ڪئي آهي. آمريڪا واضح ڪيو آهي ته آمريڪي دفاعي اداري جي ڪنهن به ڪمپيوٽر سسٽم تي حملي کي ملڪ مٿان حملو تصور ڪيو ويندو ۽ ان کي سائبر وار تصور ڪيو ويندو. پينٽاگون ان معاملي ۾ ايترو سنجيده آهي جو ان هاڻي سائبر وار کي ”پنجون جنگي محاذ“ قرار ڏنو آهي.

 سائبر واري ڇا ڪري سگهي ٿي؟

سائبر واري ذريعي ڪنهن ملڪ جا بجلي جا پاور پلانٽ بند ڪري ان کي اونداهي ۾ ٻوڙي سگهجي ٿو. نيوڪليئر تنصيبن کي نقصان رسائي سگهجي ٿو. ميزائلن کي فائر ٿيڻ کان اڳ ناڪاره بڻائي سگهجي ٿو. ڪنهن هوائي جهاز جو رخ موڙي سگهجي ٿو. اسٽاڪ ايڪسچينج کي ڪجهه ئي منٽن ۾ ٻوڙي سگهجي ٿو. جو انهن جي انگن اکرن ۾ ردو بدل ڪري اربين رپين جو نقصان ڪري ان کي ڪريش ڪري سگهجي ٿو. وال اسٽريٽ، ڊائو جونز يا NASDQ جي سڀني شيئرز کي تباهه ڪري سگهجي ٿو. مطلب ته هن جنگ ذريعي اڻ ڳڻيا نقصان ڪري سگهجن ٿا.

وڪي ليڪس ۽ ڊي ڊي او ايس

توڻي جو هن وقت سائبر وار لاءِ ڪيترائي طريقا استعمال ڪيا وڃن ٿا. جن ۾ وائرس،  وارم، ٽراجن هارس ۽ ڊي ڊي او ايس شامل آهن. پر  انهن حملن جي طريقن ۾ اڄڪلهه گهڻو مقبول طريقو ڊي ڊي او ايس(DDOs- Distributed Denial of Service)  آهي. ويجهي ماضي ۾ جڏهن وڪي ليڪس آمريڪي ڳجها سفارتي دستاويز جاري ڪرڻ شروع ڪيا، تڏهن  وڪي ليڪس جي مٿان ڊي ڊي او ايس حملو ڪيو ويو. جنهن جي ڪري ان جا سرورز جام ٿي ويا ۽ معلومات ويب سائيٽ ذريعي منتقل نه ٿي سگهي. اهو ئي سبب آهي جو پوءِ وڪي ليڪس دنيا جي ڪجهه وڏين اخبارن سان معاهدو ڪري اهي دستاويز اخبارن ذريعي جاري ڪرايا. مستقبل ۾ ٽيڪنيڪي لحاظ کان، سائبر حملي جو گهڻو استعمال ٿيندڙ طريقو ڊي ڊي او ايس هوندو.

 ڀارت ۽ پاڪستان جي سائبر وار

جيتوڻيڪ ڀارت ۽ پاڪستان جي سائبر وار ايتري سنجيده ڪونهي ۽ هن وقت تائين صرف هڪٻئي جي ويب سائٽس کي نقصان رسائڻ تائين محدود آهي پر مستقبل ۾ اها خطرناڪ روپ اختيار ڪري به سگهي ٿي، پاڪستان ۽ هندوستان وٽ هن وقت انتهائي ذهين هيڪرز جو وڏو تعداد موجود آهن. هندستان وٽ ” انڊين سائبر آرمي“ آهي ۽ پاڪستان جو هيڪرز گروپ ”پاڪستان سائبر آرمي“ سڏائي ٿو. ان کان علاوه به ڪيترائي هيڪرز انفرادي طور تي ڪم ڪري رهيا آهن. مثال طور هندستان هيڪرز ڪلب وغيره.

2008ع ۾ ممبئي حملن کانپوءِ ٻنهي  ملڪن هڪٻئي جي  ڪيترين ئي ويب سائيٽس تي حملا ڪري ڏنا ۽ انهن تي اشتعال ڏياريندڙ پيغام ڇڏيائون. انهن ويب سائٽس ۾ حڪومتي ويب سائٽس، سيڪيورٽي ايجنسين جون ويب سائٽس اڳتي مختلف ادارن ۽ وزارتن جون ويب سائٽس شامل آهن. هندستان اسان کان انفارميشن ٽيڪنالاجي ۾ ٻه وکون اڳتي آهي، جيڪڏهن اهو چاهي ته اسان کي ڪيترو ئي نقصان پهچائي به سگهي ٿو. پر ائين نظر اچي ٿو ته  پاڪستاني هيڪرز هندستان کي ۽ هندستاني هيڪرز پاڪستان کي اهڙا حملا ڪري مڇرائي رهيا آهن، جنهن جو اصل ۾ ڪو فائدو ناهي. هي ٻئي ملڪ هڪٻئي سان  ايتريون فزيڪل جنگون وڙهي به ڪو فائدو حاصل نه ڪري سگهيا آهن ته پوءِ وري سائبر جنگ مان ڇا ورندو؟

 سائبر ڪرائيم ۽ دهشتگردي

هن وقت سموري دنيا ۾ اهو خوف محسوس ڪيو پيو وڃي ته عالمي طور تي ڦهليل دهشتگردن جا نيٽورڪ سائبر حملا ڪرڻ جي صلاحيت رکن ٿا يا نه؟ شايد اها ئي پريشاني پينٽاگون کي وڌ کان وڌ سائبر سيڪيورٽي کي مضبوط بڻائڻ  خاطرِ وڏو خرچ ڪرڻ تي مجبور ڪري رهي آهي. اهو چيو پيو وڃي ته ٿي سگهي ٿو ڪنهن ڏينهن دهشتگرد آمريڪا يا  ڪنهن اهڙي ٻي ملڪ مٿان سائبر حملو ڪري ان جي اهم ملٽري ٺڪاڻن جي صلاحيتن کي پنهنجي مُٺ ۾ ڪري وٺن ۽ پوءِ کين سندن ئي خلاف استعمال ڪن؟ تنهن ڪري هن وقت دنيا ۾ جتي ملڪن جي ملڪن  خلاف سائبر جنگ ڇڙڻ جا خطرا موجود آهن، اتي دهشتگردن جي هٿ به اهڙي ٽيڪنالاجي چڙهي سگهي ٿي.

هن سموري معاملي کي سم اپ ڪندي اهو چئي سگهجي ٿو ته مستقبل ۾ اهو ئي سگهارو هوندو جنهن وٽ ٽيڪنالاجي هوندي ۽ جنهن وٽ نه صرف سائبر حملو ڪرڻ جي صلاحيت هوندي پر سائبر وار ڇڙي وڃڻ جي صورت ۾ ان حملن کي روڪڻ جي به صلاحيت هوندي. سموري دنيا ۾ تنهن ڪري سائبر سيڪيورٽي تي وڏو خرچ ڪيو وڃي ٿو ته جيئن اهڙي ڪنهن حملي کان بچي سگهجي.

Advertisements

There are no comments on this post.

Say something about this post

Fill in your details below or click an icon to log in:

WordPress.com Logo

You are commenting using your WordPress.com account. Log Out / Change )

Twitter picture

You are commenting using your Twitter account. Log Out / Change )

Facebook photo

You are commenting using your Facebook account. Log Out / Change )

Google+ photo

You are commenting using your Google+ account. Log Out / Change )

Connecting to %s

%d bloggers like this: