ايٽلانٽڪ مهاساگر ۾غوطا کائيندڙ معيشتون

Coutresy: ITSSD Journal on Political Surrealism (Radical 'Change')

ظفر امام

ٻه ڏينهن اڳ، خميس ڏهاڙي سموري دنيا جون اسٽاڪ مارڪيٽس وري ٻڏي ويون. ان ڏينهن کي سموري دنيا جي اسٽاڪ مارڪيٽن لاءِ محشر جو ڏينهن سڏين ٿا، ڇو ته چار سال اڳ آيل ڪريڊٽ ڪرنچ واري بحران کانپوءِ عالمي معيشت لاءِ هي وري تازو وڏو جهٽڪو هو. هن وقت تائين سموري دنيا جي اسٽاڪ مارڪيٽن ۾ ٻائيتال متل آهي، ۽ نه سرمائيڪارن جو اعتماد بحال ٿي سگهيو آهي، نه واپارين جو.

امريڪي ڊيٽ سيلنگ واري بحران بابت 30 جولاءِ واري پنهنجي ڪالم ۾ لکي چڪو هئس ته 2 آگسٽ انتهائي اهم تاريخ آهي امريڪي ۽ عالمي معيشت لاءِ. جيڪڏهن 2 آگسٽ تائين امريڪي ڪانگريس ”ڊيٽ سيلنگ“ وارو بل منظور نه ڪيو ته پوءِ امريڪا ته ڏيوالي جي ويجهو پهچندو ئي پهچندو، پر عالمي معيشت به ان جهٽڪي کان نه بچي سگهندي. جيڪڏهن ان مضمون کي هڪ ڀيرو ٻيهر پڙهيو وڃي ته صاف نظر ايندو ته ڪيئن اسان ان ايندڙ بحران جي اڳڪٿي ڪندي، ايندڙ ڏينهن ۾ پيدا ٿيندڙ صورتحال جو درست تجزيو ڪيوسين.

ٿيو هينئن جو 2 آگسٽ واري ڊيڊ لائين پهچڻ تي امريڪي صدر بارڪ اوباما ۽ هن جي مخالف رپبلڪنس جي وچ ۾ ”ڊيٽ سيلنگ“ واري ڊيل ته ٿي وئي، جنهن ۾ اهو طئي ٿيو ته امريڪي حڪومت پنهنجي خرچن ۾ 2.4 ٽرلين ڊالرز جي ڪٽوتي ڪندي، جڏهن ته ايتري ئي رقم ”ڊيٽ سيلنگ“ يعني ”قرض کڻڻ جي حد“ طور وڌائي وئي. پر اها ڊيل ڄڻ ته آخري ڪلاڪ ۾ ٿي، ايتري تائين سموري دنيا ۾ خطري جو گهنٽيون وڄي چڪيون هيون. ان مٿان وري امريڪي معيشت جي ڪارڪردگيءَ جي باري ۾ ٻيهر جائزو وٺي انگ اکر جو جاري ڪيا ويا ته خبر پئي ته معيشتدانن جيڪي محطاط اندازا لڳايا هئا، امريڪي معيشت هلندڙ سال جي پهرين 6 مهينن ۾ ان کان به گهٽ ترقي ڪري سگهي هئي. اهي نوان انگ اکر جاري ٿيندي ئي ڊائو جونز انڊسٽريل انڊيڪس ٻڏي وئي. ان مٿان قهر وري اهو ٿيو جو يورپي يونين واري يورو-زون ۾ اسپين ۽ اٽليءَ جي ڏيوالو نڪرڻ جون خبرون پئجي ويون، جنهن تي سڀني جا ڪن کڙا ٿي ويا. اهڙي حالت ۾ عالمي معيشت کي جهٽڪو لڳڻ ته بلڪل فطري هو، ۽ سرمائيڪارن ۾ ڀاڄ پوڻ به عين سندن جبلت مطابق هو.

ڊائو جونز انڊيڪس 11،383 پوائنٽس تائين هيٺ لهي آهي، يعني 4.3 سيڪڙو ان ۾ لاٿ آئي. اڃا ڊائو جونز انڊيڪس امريڪا ۾ ٻڏي نه آهي ته هيڏانهن وري برطانيه ۾ FTSE 100 انڊيڪس به خميس واري ڏهاڙي 191.37 پوائنٽس وڃائي 3.5 سيڪڙو تائين لهي آئي. يعني ان لاٿ جي ڪري هڪ ئي ڏينهن ۾ 50 ارب پائونڊ ٻڏي ويا، جيڪو مارچ 2009 کانپوءِ رڪارڊ آهي.

رڳو ايترو ئي ڪافي نه آهي. سموري يورپ کنڊ جون اسٽاڪ مارڪيٽون ٻڏڻ لڳيون. جرمنيءَ جي Dax انڊيڪس 3.5 سيڪڙو تائين ٻڏي، فرانس جي CAC انڊيڪس 4 سيڪڙو تائين لٿي ۽ اسپين ۽ اٽلي جي بانڊ مارڪيٽ پڻ رڪارڊ لاٿ ڏٺي. نه صرف اهو پر يورو-زون جي سموري معيشت کي زبردست جهٽڪو لڳو ۽ يورو ڪرنسي ۾ ڊالر جي ڀيٽ ۾ 1.5 سينٽ لاٿ آئي.

يڪدم سموري دنيا ۾ خطري ۽ خوف جي لهر ڊوڙي وئي ته اجهو ٿي عالمي معيشت ٻڏي، اجهو ٿي امريڪي ۽ يورپي معيشت نئين بحران ۾ داخل ٿئي. ان خوف ۽ خطري وچان ايشيائي مارڪيٽس پڻ ٻڏي ويون. هي سڀ ڪجهه بجليءَ جي تيزيءَ سان ٿيو آهي. کن پل ۾.

ڊائو جونز ۽ FTSE 100 انڊيڪس جي ٻڏڻ کانپوءِ جاپان جي ”نڪيئي“ انڊيڪس 3.7 سيڪڙو تائين لهي آئي، جڏهن ته هانگ ڪانگ جي ”هانگ سينگ“ انڊيڪس 5.1 سيڪڙو ٻڏي. نه صرف اهو پر تائيوان جي اسٽاڪ مارڪيٽ 4.3 سيڪڙو ٻڏي. 2008 کانپوءِ اها سڀ کان وڏي لاٿ آهي. ايتري تائين جو هڪ نئين بحران جي خوف جون لهرون ڏور آسٽريليا جي ساحلن تائين وڃي پهتيون ۽ ان جي مارڪيٽ پڻ ٻڏي.

هي سڀ ڇا ٿي رهيو آهي؟ ڇا دنيا وري 08-2007ع جهڙي بحران ۾ داخل ٿي رهي آهي؟

جيڪڏهن توهان کي ياد هجي ته 2007ع ۾ هن ئي مهيني آگسٽ ۾ ڪريڊٽ ڪرنچ نالي بحران شروع ٿيو هو. ياد ڪيو تڏهن به هڪ ئي رات ۾ سموري دنيا جون اسٽاڪ مارڪيٽون ٻڏي ويون هيون، ۽ خطري جون ساڳيون ئي گهنٽيون وڳيون هيون. خير، اصل بحران ته پوءِ بعد ۾ سيپٽمبر مهيني ۾ انگلينڊ جي ”ناردرن راڪ“ بئنڪ جي ٻڏڻ سان شروع ٿيو، جنهن وڃي امريڪي ليهمن برادرز کي ٻوڙي ڇڏيو. پر غور ڪيو ته بحران جي شروعات جي ترتيب (Pattern) ساڳي ئي هئي.

هاڻ جڏهن هي سٽون لکجي رهيون آهن، تڏهن دنيا جي اسٽاڪ مارڪيٽس جي اڃا وڌيڪ ٻڏڻ جو خطرو لامارا ڏئي رهيو آهي. جيڪڏهن وال اسٽريٽ اڃا هيٺ ڪري ته پوءِ سمجهو سموري دنيا ۾ ڪُهرام مچي ويندو ۽ وري هڪ نئين، باقاعده سنجيده بحران جا آثار چٽا ٿي بيهندا. اڄ جمعي جي ڏينهن جڏهن هي سٽون لکجي رهيون آهن، امريڪا ۾ هلندڙ سال جي معاشي ڪارڪردگيءَ جا وري نوان انگ اکر جاري ٿيڻا آهن. هن وقت سموري دنيا انهن انگن اکرن جو انتظار ڪري رهي آهي، ته جيئن ڏسجي ته گذريل عرصي ۾ ”بحران مان بحالي“ جي دعويٰ ڪندڙ امريڪي معيشت واقعي به ڪا سٺي ڪارڪردگي ڏئي سگهي آهي يا نه؟ پر تجزيي نگار اڳ ۾ ئي اهو اندازو لڳايو ويٺا آهن ته اهي مايوس ڪندڙ انگ اکر هوندا، جنهن کانپوءِ وال اسٽريٽ، ڊائو جونز ، ايف ٽي ايس اِي جو ٻڏڻ پڪو آهي. ايئن سمجهو سموري دنيا جا هي سرمائيڪار ويٺا پنهنجي موت جي پرواني جو انتظار ڪن!

گذريل ڇهن مهينن ۾ امريڪا اندر بيروزگاريءَ جي شرح 9.2 سيڪڙو رهي آهي. اهو رڪارڊ آهي. ان کي گهٽائڻ هاڻ نه اوباما جي وس ۾ رهيو آهي، نه رپبلڪنس جي وس ۾. گذريل هڪ عرصي کان امريڪي معيشت، جيڪا سموري دنيا جي معيشت جي انجڻ تصور ڪئي وڃي ٿي، ان جي GDP انتهائي سست رفتار ترقي ڪندي رهي آهي. يعني 1.6 سيڪڙو. جڏهن ته محطاط کان محطاط اندازن مطابق به ان کي 1.6 سيڪڙو کان تيز ترقي ڪرڻي هئي. اهڙا انگ اکر جاري ٿيڻ کانپوءِ سموري دنيا کي اهو خوف ورائي ويو آهي ته امريڪي معيشت، جيڪا تازو ئي ڊيٽ سيلنگ واري بحران ۾ ڦاٿل رهي ۽ ڏيوالي جي ذري گهٽ ويجهو اچي پهتي، اها ته دراصل اڳواٽ ئي ڏيوالي جو شڪار معيشت آهي! فرق فقط ايترو آهي ته ڪنهن کي اصل انگن اکرن جي خبر نه هئي.

هيڏانهن يورو-زون جون معيشتون پڻ هڪ بحران ۾ داخل ٿي رهيون آهن. خميس واري ڏينهن سموري دنيا جي اسٽاڪ مارڪيٽس جي ٻڏڻ جو هڪ وڏو سبب پڻ يورو-زون جون بي حال معيشتون هيون.

اڃا جمعو جمعو اٺ ڏينهن ته ٿيا آهي جو سموري يورپي يونين پنهنجو ننهن چوٽيءَ جو زور هڻي، ڪجهه وقت لاءِ ئي سهي، پر يوناني رياست جو ڏيوالو نڪرڻ کان کيس بچائي ورتو. يورپي يونين جي سينٽرل بئنڪ، بيل آئوٽ پئڪيج ذريعي يونان کي بچائي ورتو، ڀل پوءِ ٿوري ئي وقت لاءِ. اڃا يورپي يونين جي ليڊرن کي هڪٻئي جون پٺيون ٺپيندي پندرنهن ڏينهن مس گذريا جو اوچتو ئي خبر پئي ته اسپين ۽ اٽلي ڏيوالي جي ويجهو اچي پهتا آهن. ان ڳالهه سموري يورو-زون جي بانڊ مارڪيٽ کي نه صرف سخت ڪاپاري ڌڪ رسايو، جو ڪو به سرمائيڪار يورو-زون جي ملڪن جا بانڊز خريد ڪرڻ لاءِ تيار نه هو، پر ان سان ”بئنڪ رَن“ (پئسا ڪڍائڻ لاءِ بئنڪن ڏانهن ڀاڄ) شروع ٿيڻ جو خطرو پڻ پيدا ٿي ويو.

Tourist pass by a street beggar in central Rome on July 11, 2011, amid eurozone crisis. Courtesy: (Filippo Monteforte/AFP/Getty Images)

هن وقت يورو-زون ۾ سخت قسم جو خوف ۽ خطرو موجود آهي. جيڪڏهن جلد ئي اسپين ۽ اٽلي جي ضمانت يورپي-يونين جي ٻين ملڪن نه کنئي ته پوءِ ”اکنڊ يورپ“ جو خواب ته چڪنا چور ٿي ئي ويندو، پر پوءِ جرمني ۽ فرانس تائين طاقتور معيشتون پڻ ٻڏڻ لڳنديون.

اهم سوال هي آهي ته سموري دنيا جي معيشت جي انجڻ بڻيل امريڪي معيشت ڇا هڪ نئين بحران طرف وڌي رهي آهي؟ توڻي جو في الحال هي بحران اسٽاڪ مارڪيٽون ڪريش ٿيڻ تائين ئي محدود آهي، پر ان کي باقي ٻين شعبن ۾ داخل ٿيڻ کان ڪير روڪي سگهي ٿو؟ ڊائو جونز انڊيڪس ۾ لاٿ ٻڌائي ٿي ته هي بحران صرف اسٽاڪ مارڪيٽن تائين محدود ناهي پر مينوفيڪچرنگ تائين وڃي سگهي ٿو، ڇو ته ڊائو جونز انڊسٽريل انڊيڪس آهي. سموري دنيا ۾ مينوفيڪچرنگ اڳ ئي گهٽ ٿي رهي آهي. جي مڃي به وٺجي ته عالمي معيشت پنهنجي ”عظيم بحران“ کان نڪري آئي آهي تڏهن به انگن اکرن جو مطالعو ڪرڻ سان خبر پوي ٿي ته اها بحالي هڪ ته روزگار کان خالي هئي، ٻيو ته اها معيشت کي واپس 2008ع کان اڳ وري پوزيشن تائين وٺي نه وڃي سگهي هئي. ان جو مطلب ته هاڻ ڪو ننڍو جهٽڪو به ان کي ٻوڙڻ لاءِ ڪافي هوندو.

وقتي طور تي بحران کي کڻي روڪجي به سهي، پر ڪيستائين؟ رياستن ۾ هاڻ ايتري قوت موجود ڪونهي جو اُهي وري وڏا بيل آئوٽ پئڪيج ڏئي سگهن، ڇو ته هاڻ بحران جي جيڪا هوا اچي گُهلي آهي اُها خود بيل آئوٽ پئڪيج ڏيندڙ رياستن کي ڪنگال ڪري رهي آهي. هُو ڏسو يونان جو ڏيوالو، ۽ آئيس لينڊ جو ڏيوالو. ان کانپوءِ هاڻ اسپين ۽ اٽلي ان قطار ۾ اچي بيٺا آهن. هيڏانهن امريڪي رياست پڻ لڙکڙائي رهي آهي. تنهنڪري هن ڀيري جيڪڏهن ڪو جهٽڪو آيو ته اهو عالمي معيشت لاءِ خطرناڪ ۽ هيبتناڪ هوندو. ان کي چون ٿا ”ڊبل ڊپ“ Double Dip بحران. يعني هڪ بحران مان نڪتا ئي نه آهيو جو وري ٻيو غوطو.

پنهنجي گذريل ڪالم ۾ لکي آيو آهيان ته، ” وال اسٽريٽ جا معيشتدان اڳڪٿي ڪري رهيا آهن ته جيڪڏهن 2 آگسٽ تي معيشت کي ڏيوالو نڪرڻ کان بچايو به ويو تڏهن به اهو هني مون گهڻي عرصي لاءِ نه هوندو.“ ايئن ئي ٿي رهيو آهي. 2 آگسٽ تي ”ڊيٽ سيلنگ“ واري بحران کي ته کڻي ڪجهه وقت لاءِ ٽاريو ويو، پر هاڻ هن نئين وبال کان ڪير جند ڇڏائي؟

ايندڙ سالُ امريڪي معيشت جي ”ڊبل ڊِپ“ بحران جو سال آهي. 2.4 ٽرلين ڊالرز جي امريڪي حڪومت جي خرچن مان ڪٽوتي، اصل ۾ اتان جي عوام جي سوشل ويلفيئر، هيلٿ ڪيئر، تعليم، پينشن ۽ اهڙين ٻين سماجي حقن تي ڌاڙو هڻي ڪٽوتي ڪئي ويندي، جنهن ڪري ايندڙ امريڪي اليڪشن ڪا آسان اليڪشن نه هوندي. ايندڙ سال تائين امريڪا معيشت جي اندر بحران، ڪينسر جي مرض وانگر ڦهلجي ويندو ۽ ان کي اندران ئي اندران گهڻي حد تائين کائي چڪو هوندو. ڊبل ڊِپ بحران جي خطري هيٺ هن سال به عالمي معيشت هڪ خوف ۽ خطري هيٺ هلندي ۽ ڪا بهتر ڪارڪردگي نه ڏيکاري سگهندي. ”اڀرندڙ معيشتون“ (برازيل، روس، انڊيا، چين –BRIC) پڻ عالمي معيشت جو گاڏو نه گيڙي سگهندا. عالمي سرمائيداري نظام جو اڃا وڌيڪ هلندو رهڻ ۽ گهلجندو رهڻ جا ڪي به تاريخي، معاشي ۽ سائنسي جواز باقي نه رهيا آهن. هي سمورو ڊرامو ڪيستائين هلي سگهندو؟

جيستائين امريڪي معيشت جي ڪارڪردگيءَ جي باري ۾ نوان انگ اکر جاري ٿين ۽ انهن جو سموري دنيا ۾ ردعمل پيدا ٿئي، ايستائين پاڻ ويٺا ڏسون ٿا ۽ صورتحال جو مزو وٺون ٿا.

xaphor.emam@gmail.com

Advertisements

There are no comments on this post.

Say something about this post

Fill in your details below or click an icon to log in:

WordPress.com Logo

You are commenting using your WordPress.com account. Log Out / Change )

Twitter picture

You are commenting using your Twitter account. Log Out / Change )

Facebook photo

You are commenting using your Facebook account. Log Out / Change )

Google+ photo

You are commenting using your Google+ account. Log Out / Change )

Connecting to %s

%d bloggers like this: