جڏهن ڪجهه به نه هجي، تڏهن مِينهن وڏو واقعو آهي

ظفر امام

مونکي لڳو هي مُون سون گذري به ويو ۽ منهنجي شهر ۾ بارش جي هڪ  به بوند نه پئي آهي، سو وڏو الميو آهي. سياسي طور  ڪيترو ڪجهه ٿي چڪو. نفرت ۽ لسانيت جي ڄر ڪراچي ۽ سموري سنڌ کي وڪوڙي به وئي، ماڻهو بيگناهه قتل ٿي ويا. انهن سانوڻيءَ واري ڪجهه مهينن ۾ ننڍا وڏا ڪافي الميا ٿي چڪا، پر منهنجي لاءِ هر وقت جاري الميو اهو به هو ته هيل سموري سانوڻيءَ ۾ هن شهر  بر ۽ ٿر مٿان هڪ به بارش نه پئي آهي. هڪ برسات بنا شهر ۾ ڪيئن رهبو آهي؟

پر ڪڏهن ڪڏهن جي توهان وٽ نئون ڪجهه به نه هوندو آهي، ساڳي کٽ پٽ پئي هلندي آهي تڏهن توهان مينهن جو اوسيئڙو ڪري ويهندا آهيو. جيڪڏهن ڪجهه نئون نه ٿي رهيو آهي ته پوءِ هڪ وسڪارو ئي سهي.  ميٽرولوجي ڊپارٽمنٽ جي برسات واري اڳڪٿين تي روز منهنجي نظر. ڪڏهن هتي برسات پئي، ڪڏهن هُتي. ٻوڙان ٻوڙا ٿي چڪي، پر پاڻ وٽ آسمان جو رڻ گجي رهيو هو. بنجر. ”هينگ ڊانگ“(Hang Dong)  جو هي نظم  ان ڪيفيت جي اظهار لاءِ ڪافي آهي 

when nothing else is going on

rain is a big event

but when some event

is happening,

rain becomes background,

some remember it, some don’t!

years later, when everything’s in the past

the rain comes back to us once more

pattering as it falls,

nothing happening

 ”جڏهن ڪجهه به ٻيو نه ٿي رهيو هجي

تڏهن مينهن هڪ وڏو واقعو  هوندو آهي

پر جڏهن ڪجهه ٻيو ٿي رهيو هجي،

مينهن پٺتي/پسمنظر  ۾ هليو ويندو آهي

ڪجهه ماڻهو ان کي ياد رکندا آهن، ڪجهه نه!

ڪئين سال پوءِ، جڏهن هر شئي ماضي بڻجي ويندي آهي

مينهن هڪ ڀيرو ٻيهر اسان وٽ ايندو آهي

پيو برسندو آهي ۽ ترسندو آهي

۽ پوءِ ٻيو ڪجهه نه ٿي رهيو هوندو آهي.“

هن وقت ڪمپيوٽر ڀرسان کڙڪي ٻاهران مينهن هلي رهيو آهي. ۽ مان هي مينهن هاڻيون سٽون لکي رهيو آهيان. صبح کان مينهن جاري آهي. خاموشيءَ سان. ايئن لڳي ٿو ڪو وڏو واقعو جاري آهي. جيتري ان جي تانگهه هئي، ايترو ئي وقت هليو آهي. ان لاءِ مان کيس”ڊائو فو“  (هڪ چيني شاعر) جو هي نظم ارپيان ٿو، جيڪو مون تازو ئي انٽرنيٽ تي پڙهيو آهي 

”مبارڪ توکي مينهن!

توکي خبر آهي ته

توکي ڪڏهن وسڻو آ،

توکي اها به خبر آ،

تون آن سانوڻيءَ جو سکي ،

ڪڏهن مون وٽ رات جو به اچ!

خاموشيءَ سان، هوا مٿان ٽلندو اچ!

ايترو  وس  جو پڪ ٿئي ته،

هر شئي تو ۾ پُسي  وئي آ…

درياءَ تان ترڪندو،

ڪنهن  ڳاڙهيءَ باک ڦٽيءَ ۾ به اچ!

هر شيءِ کي پُسائي ڇڏ!

جيئن ’چنڊائو‘ ۾ هر طرف کڙندڙ گُل

۽ هر شيءِ توسان ڀرجي وڃي…“

مونکي لڳي ٿو  ’مُون سون‘ جي بارش جو هي نئون سسٽم، جيڪو ڪالهه کان ٿر  سميت حيدرآباد ۽ آسپاس وارن علائقن ۾ جاري آهي، اُهو هن مُون سون جو آخري وسڪارو آهي. مان ان ڪري به ان موقعي کي وڃائڻ نه ٿو چاهيان ۽ ان کي اندر ۾ اوتڻ ٿو چاهيان. خبر نه آهي پوءِ هي مينهن جلد ايندو الائي نه. ايتري خبر اٿم ته ميٽرولوجي ڊپارٽمنٽ چيو آهي هي نئون سسٽم حيدرآباد، ڪراچي  سميت لاڳاپيل علائقن ۾ ڪي ٽي کان چار ڏينهن هلندو. جيتري ان جي تانگهه رهي آهي، ان لاءِ ٽي چار ڏينهن ته ٿورا آهن. وري هي ڪڪر ڪڏهن پالوٽ ڪندا، خبر ناهي. پر جيڪڏهن ٻيو ڪجهه به ناهي تڏهن اهو به ڪافي آهي.

هڪ ڀيري اينگلز ڏاڍو معنيٰ خيز ۽ جمالياتي قسم جو جملو چيو هو.”اهو هر ماڻهو جو فطري حق آهي ته هُو ڪو به ڪم نه ڪري، ۽ واندڪائيءَ جو مزو وٺي.“ ڪڏهن ڪڏهن ايئن ڪرڻ ضروري ٿي پوندو آهي. جي توهان ايئن نه ڪيو ته جيترو گند روزمره جي پاڪستاني زندگيءَ ۾ اسان اندر گڏ ٿي رهيو آهي، اُهو اسان کي ڦاڙي وجهي. ڪٿارسس ضروري آهي. پر جنهن رياست ۾ نه سٺو ميوزڪ هجي، نه ڪي ڪنسرٽ هجن، نه ڪو آرٽ هجي ۽ نه زندگي کي خوبصورت بڻائيندڙ ڪو سامان هجي، تڏهن توهان هڪ بارش ۾ ڀڄي اها ڪٿارسس ڪري سگهو ٿا.

مون وانگر اهو توهان سڀني جو به حق آهي ته ڪڏهن سياست تي نه سوچجي. ڪڏهن صرف بارش ۾ بيهي رهجي، گُلن کي ڏسجي. ڌنڌي روزگار جو فڪر ڪجهه وقت لاءِ ڇڏي واپس پنهنجي اونهي اندر ۾ موٽجي. ٽي وي تي بڪ بڪ ڪندڙ اينڪرز کي نه ڏسجي ۽ ٽاڪ شوز کان پاڻ کي پناهه ڏجي، اهڙي طرح هڪ ڏينهن موج سان، درياءَ سان، بارش سان ۽ گلن سان گڏ گذارجي. اسان جهڙي ملڪ ۾ جي ڪو ايئن ڪندو ته ان کي ميڄالي کان خالي ماڻهو سمجهيو ويندو. کيس واندو سمجهيو ويندو. ها پر زندگي هڪ ڪَلَ پرزي وانگر ڪم ڪرڻ جو نالو ته نه آهي. زندگيءَ ۾ بارش به هوندي آهي، ان ۾ گُل به ٽڙندا آهن ان ۾ يار به ملندا آهن. ۽ هر ماڻهوءَ جي زندگيءَ ۾ هڪ بارش اهڙي ضرور هوندي آهي جنهن ۾ اهو روح تائين ڀڄي سگهي.

صبح انٽرنيٽ تي چارلس بڪووسڪي جا نظم پڙهندي مونکي ”دائو يو“ جو هي نظم هٿ لڳي ويو. مينهن هلندي، کڙڪيءَ ڀرسان ويهي،  هي نظم پڙهيم ته ايئن لڳو منهنجي پنهنجي ڪيفيت به ته اها ئي آهي 

”ڏکڻ کان مينهن اوڙڪون ڪندو آيو،

ڪجهه وقت لاءِ برسيو، ترسيو

۽ پوءِ ڏور جاپان ۾ بوهائي سمنڊ ڏانهن،

داليان جي ساحلن ڏانهن رمندو ويو

مان پنهنجي سوڙهي بالڪونيءَ ۾ ويهي

پنهنجو پيٽ کنيهو،

۽ کوهه ۾ ويٺل ڏيڏر وانگي،

پنهنجي هلڪڙائپ واري نگاهه سان

شام جي لام لهندي ڏٺي،

هيٺين-اُڏار ڪندي پکين جا ولر ڏٺا،

۽ اعليٰ قسم جي همدرديءَ سان،

افريڪا جا ساوا پهاڙ ياد ڪيا،

جارڊن جو ڪارو سمنڊ ياد ڪيو.“

اسانکي جارڊن جو سمنڊ يا افريڪي ساوا پهاڙ ته ياد نه ايندا، پر اسان کي پنهنجا وڳر ۽ وٿاڻ ضرور ياد ايندا. هڪ برسات بنا شهر ۾ رهندي، هڪ بي مهر موسم ۾ جيئندي، سرد مهر دنيا جي ڌنڌن ۾ غرق رهندي، اسان کي پنهنجا ٿر بر به ايئن ئي ياد ايندا، پر ڪنهن بالڪونيءَ ۾ ويٺل ڏيڏر وانگي، هلڪڙائپ سان،  ڪميڻائپ سان.

Advertisements

There are no comments on this post.

Say something about this post

Fill in your details below or click an icon to log in:

WordPress.com Logo

You are commenting using your WordPress.com account. Log Out / Change )

Twitter picture

You are commenting using your Twitter account. Log Out / Change )

Facebook photo

You are commenting using your Facebook account. Log Out / Change )

Google+ photo

You are commenting using your Google+ account. Log Out / Change )

Connecting to %s

%d bloggers like this: