مستقبل ۾ وڙهيون ويندڙ سائبر وارس (Cyber Wars)
August 2, 2011

ظفر امام

Zafar Imam

                 نئين دور ۾ جنگون ميزائلن، ٽئنڪن، هٿياربند فوجن سان شايد نه وڙهيون وڃن پر اهي ٽيڪنالاجي جي ذريعي وڙهيون وينديون. انٽرنيٽ هاڻ رڳو ڄاڻ جو ذريعو نه رهيو آهي، پر اهو هڪ طاقتور هٿيار پڻ آهي، جنهن ذريعي مستقبل جون جنگون وڙهيون وينديون. سائبر اسپيس ۾ وڙهي ويندڙ اهڙين جنگن  کي سائبر وار چئجي ٿو. اها صرف  خيالي ڳالهه نه آهي، بلڪه اهڙي سائبر وار جي شروعات ٿي به چڪي آهي. ان جو سڀ کان وڏو نشانو آمريڪا آهي ۽ ان جون ملٽري ۽ ڊفينس انسٽاليشنس. هن وقت آمريڪا مسلسل اهڙن سائبر حملن جي زد ۾ آهي، جيڪي هن جي دعويٰ آهي ته مسلسل چين طرفان اچي رهيا آهن. ان جي دعويٰ آهي ته چيني حڪومت جي پٺڀرائي سان ٿيندڙ انهن سائبر حملن ۾ هن وقت تائين پينٽاگون مان 24 هزار اهم فوجي دستاويز چورايا ويا آهن، جن ۾ اهم دفاعي ڄاڻ هئي. (more…)