ايٽلانٽڪ مهاساگر ۾غوطا کائيندڙ معيشتون
August 6, 2011

Coutresy: ITSSD Journal on Political Surrealism (Radical 'Change')

ظفر امام

ٻه ڏينهن اڳ، خميس ڏهاڙي سموري دنيا جون اسٽاڪ مارڪيٽس وري ٻڏي ويون. ان ڏينهن کي سموري دنيا جي اسٽاڪ مارڪيٽن لاءِ محشر جو ڏينهن سڏين ٿا، ڇو ته چار سال اڳ آيل ڪريڊٽ ڪرنچ واري بحران کانپوءِ عالمي معيشت لاءِ هي وري تازو وڏو جهٽڪو هو. هن وقت تائين سموري دنيا جي اسٽاڪ مارڪيٽن ۾ ٻائيتال متل آهي، ۽ نه سرمائيڪارن جو اعتماد بحال ٿي سگهيو آهي، نه واپارين جو (more…)

Advertisements

مستقبل ۾ وڙهيون ويندڙ سائبر وارس (Cyber Wars)
August 2, 2011

ظفر امام

Zafar Imam

                 نئين دور ۾ جنگون ميزائلن، ٽئنڪن، هٿياربند فوجن سان شايد نه وڙهيون وڃن پر اهي ٽيڪنالاجي جي ذريعي وڙهيون وينديون. انٽرنيٽ هاڻ رڳو ڄاڻ جو ذريعو نه رهيو آهي، پر اهو هڪ طاقتور هٿيار پڻ آهي، جنهن ذريعي مستقبل جون جنگون وڙهيون وينديون. سائبر اسپيس ۾ وڙهي ويندڙ اهڙين جنگن  کي سائبر وار چئجي ٿو. اها صرف  خيالي ڳالهه نه آهي، بلڪه اهڙي سائبر وار جي شروعات ٿي به چڪي آهي. ان جو سڀ کان وڏو نشانو آمريڪا آهي ۽ ان جون ملٽري ۽ ڊفينس انسٽاليشنس. هن وقت آمريڪا مسلسل اهڙن سائبر حملن جي زد ۾ آهي، جيڪي هن جي دعويٰ آهي ته مسلسل چين طرفان اچي رهيا آهن. ان جي دعويٰ آهي ته چيني حڪومت جي پٺڀرائي سان ٿيندڙ انهن سائبر حملن ۾ هن وقت تائين پينٽاگون مان 24 هزار اهم فوجي دستاويز چورايا ويا آهن، جن ۾ اهم دفاعي ڄاڻ هئي. (more…)